امداد سومرو

امداد سومرو

امداد سومرو

امداد سومرو: صحافي ۽ ڪالم نويس امداد سومرو 14- ڊسمبر 1970ع تي پنھنجي آبائي ڳوٺ سيتا وليج، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي سوشيالاجي 2007ع ۾ ڪيائين. هن روزاني ڪاوش، روزاني خلق، روزاني سنڌ ۽ روزاني عبرت ۾ ايڊيٽوريل صفحي جي انچارج ۽ سنڊي ايڊيشن جي انچارج طور هڪ وڏي عرصي کان ڪم ڪيو. ان کان سواءِ هن جا مسلسل ڪالم، فيچر ۽ شاعري ڇپجندي رهي آهي. سنڌ ٽي. وي ۾ ڊاڪيومينٽريز جو ڊائريڪٽر رهيو آهي ۽ ڪيترا پروفائيل پيش ڪري ۽ مختلف عوامي مسئلن تي رپورٽنگ ڪندو رهيو آهي. ان کان سواءِ ڊان ۽ نيوز لائين ۾ فري لانس صحافيءَ طور 2003ع کان لکندو پيو اچي.


لفظ امداد سومروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1970.12.14  عيسوي

امداد سومرو 14- ڊسمبر 1970ع تي سيتا وليج ، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ نظر محمد بسمل
زلف پيرزادو
امان الله چانڊيو سنڌي
الياس شاڪر
شوداساڻي جيرامداس
ارشد شريف
آر بي سارنگ
خواجه محمد شريف طوسي
حسام سومرو
شبير تابش
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون